جل مشعل جل ڪتاب جو ٽائيٽل

جل مشعل جل ڪتاب جو ٽائيٽل

جل مشعل جل

جل مشعل جل (ڪتاب ):هي ڪتاب نامياري صحافي امداد علي اوڍي جي آتم ڪٿا تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل ٽي ڀاڱا آهن؛ پهريون ڀاڱو: قومي جدوجهد، ڀاڱو ٻيو: صحافت ۽ ڀاڱو ٽيون: مضمونن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ مختلف ليکڪن امداد اوڍي جي شخصيت، صحافتي ڪيريئر ۽ سياسي ڪردار تي پنهنجا ويچار ڏنا آهن. ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جو تاثر شامل آهي، جيڪو لکي ٿو ته: ”مون کي امداد جي انقلابي امنگن جي پوريءَ طرح ڄاڻ هئي، پر هو اهڙي خوبصورت ٻوليءَ ۾ لکي به سگهي ٿو، ان جي خبر هينئر پئي آهي. سندس هي ڪتاب سنڌ جي عوام جو، خاص طرح نوجوانن جو آواز آهي“.


هن ڪتاب ۾ فوجي آمر ايوب خان خلاف جدوجهد، بنگلاديش جي آزادي، مختلف شاگرد تنظيمن جو ٺهڻ، بهارين جي سنڌ ۾ آبادڪاريءَ خلاف تحريڪ، 1973ع جي آئين، مزدورن ۽ هارين جي مسئلن، سامراجي پاليسين ۽ صوبن جي خودمختياريءَ جو تفصيلي ذڪر آهي. ان کانسواءِ ليکڪ قومي جدوجهد جي حوالي سان پنهنجن ويجهن ساٿين ڪامريڊ ڄام ساقي، شهيد نذير عباسي، ڊاڪٽر جبار خٽڪ، سهيل سانگي، محمد خان سيال، احمد خان جمالي، ڊاڪٽر گهنشام پرڪاش، چنُي لال واڌواڻي، اشفاق حسين جمالي ۽ سرفراز ميمڻ جو به تفصيلي ذڪر ڪيو آهي.


هن ڪتاب ۾ رنگين تصويرون به ڏنل آهن، ڊيمي سائيز ۾، پڪي جلد سان هي ڪتاب 415 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن کي سجاڳ پبليشرز ڪراچي 2010ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جي قيمت 250 روپيا آهي.





هن صفحي کي شيئر ڪريو